ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي، عالم حق، رياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد حملن کي اڳتي وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿي??دا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره اسماعيل خان دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ زخمي ٿيندڙ جوانن جا حوصلا بلند آهن، آئون انهن کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان پر انهن جوانن مون کي حوصلو ڏنو آهي ۽ اهي جوان زخمي ٿيڻ جي باوجود دشمن جو مقابلو ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. هن چيو ته حملي آورن کي خبردار ڪري رهيو آهيان ته اهي جنگ هارائي چڪا آهن، رياست پاڪستان اها جنگ کٽي چڪي آهي، هو هارايل جڏهن ته اسان کٽيل جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندڙ شهيد ۽ زخمي الله آڏو سرخرو ٿيندا، هن کٽيل جنگ ۾ جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ڪامران ۽ جنت ۾ راحت ۾ هوندا جڏهن ته خوا??ج دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا هوندا، اهي دوزخ جا جا هيـٺئين درجي وارا ماڻهو آهن. نگر??ن وزيراعظم چيو ته عالم حق، رياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد اسان کي موت کان ڊيڄاري نه ٿا سگهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اس??ن وڌيڪ قربانين جي لاءِ پڻ تيار آهيون، دهشتگرد حملن جو اڳتي وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿي??دا. ان موقعي تي هن دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت پڻ ڪئي.
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں