ڪويت – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ??ين??ن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪويت پهچڻ تي ڪويت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توانائي واري وزير ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاستاد نگران و??يراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ڪويت ۾ سفير ملڪ محمد فاروق ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ موجود هئا. دوري دوران نگران و??يراعظم ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. نگران و??يراعظم جي ڪويت جي دوري سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان