اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شي??يو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب ڌرين پاڪستان ??اپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري جاپان ??ي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا ??ان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪستان ??يسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ??ي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته جاپان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان ??ي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد جي جاپاني هم منصب سان مُلاقات، ٻطرفي سياسي مشاورت
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش