پشاور – 25 ??? م??ي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن ريڊيو پاڪس??ان پشاور جي عمارت تي مڪمل منصوبابندي سان ??ملو ڪيو، اسان ??ي قيمتي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي، شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ريڊيو پاڪس??ان پشاور جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر، وفاقي ۽ صوبائي وزير، مسلم ليگ (ن) جو سيڪريٽري اطلاعات، ضلعي انتظاميا جا آفيسر، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2014ع ۾ جهڙي طرح انهن ماڻهن پي ٽي وي تي حملو ڪيو هو، اهڙي طرح مڪمل منصوبابندي سان 9 مئي تي ريڊيو پاڪس??ان پشاور جي عمارت تي حملو ڪيو، 9 مئي تي گارڊز ۽ عملي شرپسندن کي روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر 10 مئي تي اهي شرپسند ۽ هٿياربند جٿا مڪمل منصوبابندي سان ٻيهر ريڊيو پاڪس??ان جي عمارت تي حملي آور ٿيا، انهن وٽ ڏنڊا ۽ پيٽرول هو، ضلعي انتظاميا ۽ ريڊيو پاڪس??ان جي عملي عمارت کي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ان ??وران ??ملي جا ڪيترائي ماڻهو شديد زخمي پڻ ٿيا. واقعي جي ايف آءِ آر پڻ انهي ڏينهن داخل ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي عمارت به ٻيهر بڻجي ويندي ۽ ٽرانسميٽرز به لڳي ويندا پر اسان ??ي تاريخي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي حملي کانپوءِ اسان ??رڪائيو کي ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو هو، اهو ئي پراسيس ريڊيو پاڪس??ان ۾ به جاري هو. هن چيو ته اهڙي طرح جي ڏوهارين ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، ??يڪ??هن اهي سمجهن ٿا ته سياسي احتجاج جي آڙ ۾ اهي ان ڏوهه کان ??زاد ٿي ويندا ته ائين ممڪن نه آهي، 9 مئي ٻيهر نه ٿي ورجائي سگهجي، ڏوهارين کي سخت کان ??خت سزا ڏني ويندي. ان کان ??ڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪس??ان طاهر حسن ريڊيو پاڪس??ان پشاور جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن بابت ب??يف??گ ڏني. هن ٻڌايو ته ننڍي کنڊ ۾ ريڊيو جو سفر 1927ع ۾ شروع ٿيو، 1935ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ريڊيو جو پهريون ٽرانسميٽر لڳايو ويو، 1947ع ۾ انهي ريڊيو پاڪس??ان جي وجود جو اعلان ڪيو. ريڊيو پاڪس??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت افغان وار ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، ريڊيو پاڪس??ان هن وقت 23 مقامي ۽ 11 عالمي ٻولين ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ??ي ان ??اريخي ورثي کي رڳو 6 ڪلاڪن ۾ ساڙي ختم ڪيو ويو، اسان ??ا ٽرانسميٽر ساڙيا ويا. 9 مئي تي چاغي جي يادگار کي ساڙيو ويو، ان کان ??ڳئين ڏينهن 10 مئي تي مڪمل منصوبابندي سان ??هي ماڻهو هتي آيا ۽ عمارت کي باهه لڳائي ۽ ڦرلٽ ڪئي، اسان ??ي عملي کي زخمي ڪيو. هن چيو ته ريڊيو پاڪس??ان ضلعي انتظاميا، پاڪ فوج سان گڏجي 25 ڪلاڪن ۾ پنهنجي نشريات کي بحال ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت هر سطح تي جهڙي طرح ريڊيو پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو، سدائين ياد رکيو ويندو.
شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي مڪمل منصوبابندي سان حملو ڪيو، اسان جي قيمتي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے