اسلام آباد – 17 ?? مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪندڙ ٻي پاڪستاني جبل چاڙهو عورت نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان و??ير??عظم آفيس ڪابينا سيڪريٽريٽ کي باضابطا ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم شهباز شريف قوم جو ڳاٽ فخر بلند ڪندڙ نائلا ڪياني جي لاءِ ستاره امتياز جي اعزاز جو اعلان ڪيو هو. واضح ر??ي ته ثمينه بيگ پهرين پاڪستاني عورت هئي جنهن 2013ع ۾ مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی