اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنجگور حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لان?? نائيڪ محمد يونس خان ۽ لان?? نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لان?? نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد علي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قو?? جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي سلام عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن ج?? گهرڀاتين سان همدردي جو اظه??ر ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.
صدر جي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری