مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪ??ي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي واري کاتي، تعليم واري کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ريلي ڪشمير چوڪ مٺي کان شروع ٿي پريس ڪلب مٺي تائين پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي مٺي جي مختلف اسڪولن، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ امر جڳديش بوائز هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن به ڪاري ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ر??ليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف ط??قن سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بينر، جهنڊا ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه ??ڳ آهي، ڪشمير زندهه ??باد جا نعرا لکيل هئا.
ٿرپارڪر ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo