اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ فن لين?? جي وچ ۾ دوستاڻا ل??ڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائ?? جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪار?? جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لين?? جي لاءِ پاڪستان جي اعزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ فن لينڊ – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لين?? جي ڪمپنين بائيو وائما، وارسلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي اي اينڊ ميٽرو ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم چيو ته فن لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا ل??ڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائ?? جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪار?? جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي عمل ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لين?? جي ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ توانائي خاص طور تي سولر انرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان ۾ فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا