اسلام ??باد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد ??حا?? ٿيو، خطي جي ت??قي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي سيڙپڪارن ڪيري گوف جي ايم ڊي البرٽ بيري ليسي، ٽروليڪس جي ايم ڊي ٿامس البرٽ ليسي ۽ سندس وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ سينيٽرن شبلي فراز ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ملا??ات ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي ت??اون کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملا??ات ۾ وفد سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي دوري جي مقصدن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ماحول سيڙپڪاري لاءِ سازگار، مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ڪاروباري ۽ معاشي رابطا عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد معيشت جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد ??حا?? ٿيو، گوادر هڪ نئين معاشي مرڪز جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي، هن چيو ته برطانوي سيڙپڪار گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، خطي جي ت??قي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستان جي برطانيه سان تاريخي لاڳاپا آهن، واپاري وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد برطانيه ۾ آباد آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هل پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر