اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان چين جي هم منصب وانگ اي وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ڪووڊ -19، يوڪرين ۾ جاري صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اهو چين پاڪستان دوستي لاءِ انتهائي اهم ڏينهن آهي، اهو موقعو ان لاءِ به اهم آهي ته ??ين?? پرڏيهي وزير پهريون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران سومر تي چين ۾ ٿيندڙ النماڪ هوائي حادثي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ??ين?? قيادت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪي??، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي گهري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير ??ين?? هم منصب وانگ اي جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان جي قومي ڏينهن جي پريڊ ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ سدائين هر نازڪ موڙ تي هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت جي موقف ۾ هم آهنگي ۽ عزم جي ڪري سي پيڪ فيز 2 جي حوالي سان اعليٰ معياري ترقي جو خواب حقيقت جو روپ ڌاري رهيو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضر??رت جو ورجاءُ ڪي??، پرڏيهي وزير رياستي ڪائونسلر وانگ اي کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڀارت جي غير ذميداراڻي رويي جي باري ۾ آگاهه ڪي??، 9 مارچ تي ڀارت پاران ”ميزائل فائر واقعي“ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هن ان واقعي جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پاڪستان جي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جي مطالبي کان آگاهه ڪي?? ۽ چيو ته ڀارت جي غير ذميداراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان کي معاشي بحران کان بچائڻ ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪي?? ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪي??، ??ين?? پرڏيهي وزير وانگ اي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪي??.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان چين جي هم منصب وانگ اي جي وفد سان گڏ ملاقات
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس