اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪس ??لچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اهم دستاويزن کي محفوظ ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ ايف بي آر، و??اقي ٽيڪس ??حتسب آفيس ۽ ٻين ادار?? جي آفيسرن ۽ مختلف واپاري تنظيم?? جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو ٽيڪس ??يندڙ?? جي سهولت، وسيل?? جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، و??اقي ٽيڪس ??حتسب شڪايت ڪندڙن کي ??ذريل سال 8.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، و??اقي محتسب جو ادارو ڪاريوباري برادري جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني يدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ غيرضروير دير سان ٽيڪس ??يندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته عوام ٽيڪس عملدار?? جي ناانصافي، بدانتظامي جي خلاف انصاف جي لاءِ ٽيڪس ??حتسب سان رجوع ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، بلاڪ چين ٽيڪانلاجي جي مدد سان فنڊز جي چوري، ڪرپشن ۽ رشوت خوري کي ??هٽ ڪري سگهجي ٿو، جديد آءِ ٽي لوازمات جي مدد سان ٽيڪس ??يندرن کي جلد ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسئل?? جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطي جي ضرورت آهي، ٽيڪس ادارن، و??اقي محتسب جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا ٽيڪس ??يندڙ?? جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي بابت ماڻهن کي آگاهي ڏي?? جي ضرورت آهي، ٽيڪس ??يندڙن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس ??حتسب جي دائري کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اوورسيز پاڪستاني?? جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد ٽيڪنالاجي سان اهم دستاويزن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ٽيڪنالاجي سان ڪيترن ئي ڏوه?? جي جاچ ۾ مدد ملي وڃي ٿي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترن ئي ڏوه?? جي جاچ ۾ ٽيڪنالاجي سان مدد ملي ٿي، جلدي جي فيصلن سان انصاف جو اصول متاثر ٿئي ٿو جڏهن ته غيرضروري دير به ڪجهه وقتن تيڪرپش?? جي زمري ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ 25، 30 لک ٽيڪس ??ائيلرز آهن جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عوامي آگاهي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاقي ٽيڪس ??حتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه پڻ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽيڪس ??حتسب ٽيڪس عملدار?? جي ناانصافي ۽ بدانتظامي?? جي خلاف عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيو آهي، عوام کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل 5 سالن ۾ ٽيڪس ??حتسب 27 ارب رپيا ريفنڊ ڪرايا آهن. صدر سيمينار ۾ وفاقي ٽيڪس ??حتسب ويب پورٽل جو پڻ افتتاح ڪيو.
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش