ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لا??ِ ٺوس من??وبابندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس رکندڙ هن شهر جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري جي ضرورت آهي، واپاري برادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لا??ِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ 17 هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تازو ئي افتتاح ڪيل گرين لا??ين من??وبي بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته هي من??وبو هن شهر جي ماڻهن کي آرامده ۽ وقت جي بچت يرکندڙ سفري س??ولت فراهم ڪندو. شهر ۾ پاڻي جي مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ڪي فور من??وبي جو مقصد شهر جي روزاني پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي، اميد آهي ته اهو 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندو. صدر چيو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين مقصدن مان هڪ آهي ته جيئن روزگار ۽ ڪاروباري صلاحيت کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لا??ِ مالي ۽ قرض جون سهولتون معتارف ڪرايون ته جيئن ٺوس ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي شعبي کي س??ولت فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا ??يترائي موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لا??ِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. صدر تاپي گئس پائيپ لا??ين من??وبي کي پاڪستان ۾ گئس جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ پڻ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ڪي س?? سي آءِ جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا واپاري برادري کي مڪمل تعاون ۽ حمايت فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.
ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania