تهران – 26 R11; آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي و??ير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي و??ير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نم??ئن??گي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي و??ير ايران جي دوري دوران ميڊيا نم??ئن??ن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی