اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سمورن تعميراتي منصوبن جي پڄاڻي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي، تعميرات جي شعبي ۾ سمورن مرحلن جي آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نظام کي آسان بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، ايف بي آر پاران ڪا??وب??ري برادري جي لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ??ابت خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ??سٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين ??ينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري ڪا??وب??ري شخص??ت عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، محسن شيخاڻي ۽ حسن بخشي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن، بلوچستان صوبي ۾ تعميرات جي شعبي ۾ نئين منصوبي، وفاقي گادي واري شهر بليو ايريا ۾ پلاٽن جي نيلامي ۽ ٻين ??هم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايف بي آر ٽيڪس گذارن جي سهولتڪاري لاءِ تعميراتي منصوبن، ??وي??پرز ۽ بلڊرز جي لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان تعميرات جي شعبي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي آسان ٿيندي. انهن قد??ن جي ميڊيا ۽ ٻين ??ريعن سان تشهير ڪئي پئي وڃي.
سمورن تعميراتي منصوبن جي پڄاڻي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania