اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، پاڪستان جي پوري قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي غير??ان??ني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غير??ان??ني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غير??ان??ني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪ??ي چڪا آهن. پاڪستان ڀارت جي غير??ان??ني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر پوري خطي جي امن امان جي لاءِ خطرن جو سبب آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل ??ان??نن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي ??ان??نن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪشمير مسئلي تي متحد آهن. آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ڪشميرين کي پر ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته اڄ پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي نفرت انگ??ز پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.
پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت