نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ??يم او ج?? آءِ پي) جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاقات ڪئي. يو اين ??يم او ج?? آءِ پي جي سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀالڻ ??اء?? پاڪستان روانگي کان اڳ پاڪستاني نمائندي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي گروپ جي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آپريشنل تفصيلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يو اين ??يم او ج?? آءِ پي گڏيل قومن جي قديم ترين مشنز مان هڪ آهي جيڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي نگراني ??اء?? مقرر ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فوجي مبصرن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم يو اين ??يم او ج?? آءِ پي جي سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری