اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيئر پاڪستاني سفارتڪار منير اڪرم يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان چئلينجز باوجود پوليو جي مڪمل خا??مي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پوليو جي خا??مي بابت بورڊ جي خصوصي اجلاس دوران چيو ته اسان 2026ع تائين پوليو جي خا??مي لاءِ مقرر وقت اندر پوليو جي مڪمل خا??مي لاءِ پُرعزم آهيون. ان حوالي سا?? تبصرو ڪندي پاڪستاني سفير نشاندهي ڪئي ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ پوليو ويڪسينيشن مهم کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عالمي شراڪتدارن جي ٺوس ڪوششن سبب گذيل سا?? پوليو جا صرف 6 ڪيس سا??هون آيا. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سا?? پاڪستاني حڪومت 45 ملين ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳ ئي ان مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته ان حوالي سا?? پاڪستان کي پنهنجن سمورن لاڳاپيل عالمي شراڪتدارن سا?? فني ۽ مالي تعاون جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته 24ع ۾ پوليو پروگرامن لاءِ 205 ملين ڊ??لر گهربل هئا ۽ 95 ملين ڊ??لر جي کوٽ هئي. سفير منير اڪرم سمورن عطيو ڏيندڙ شراڪتدارن تي زور ڀريو ته هو پوليو جي خا??مي جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ٻارن کي قطرا پيئارين. هن نمائندن کي ٻُڌايو ته اسان پوليو خلاف جنگ ۾ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ 2026ع تائين پوليو جي خا??مي لاءِ فوري ۽ جرئتمنداڻي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ يونيسيف جي سرگرمين جو جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي پاليسين، ملڪي پروگرام ۽ بجيٽ جي منظوري ڏئي ٿو. هي بورڊ 26 ميمبرن تي ٻَڌل آهي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي 5 علائقائي گروپن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ڪم بيورو ذريعي مربوط آهي، جنهن ۾ صدر ۽ چار نائب صدر شامل آهن ۽ هر هڪ آفسر 5 علائقائي گروپن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
پاڪستان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي بابت اهم اڳڀرائيءَ لاءِ پُرعزم آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت