بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو سان ملاقات ۾ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. چيني م??ڊيا رپورٽس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ”بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ جي موقعي تي ٿي، انڊونيشين صدر عالمي تعا??ن بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي سرڪاري دوري تي آهي. ملاقات ۾ شي جن پنگ نشاندهي ڪئي ته انڊونيشيا اها پهر??ن جڳهه آهي جتي هن 21 هين صدي جي ميري ٽائيم سلڪ روڊ جي تعمير جي تجويز ڏني، گذريل 10 سالن دوران ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير ۾ چين ۽ انڊونيشيا جو تعاون خطي ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي جنهن سان ٻنهي م??ڪن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي ۽ اهو ”بيلٽ اينڊ روڊ“ تحت تعاون جو اهم نمونو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير ۾ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ اتحاد، گڏيل تعاون ۽ پاڻڀرائپ کي ظاهر ڪري ٿو، چين انڊونيشيا سان گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي.
چين جي صدر ۽ انڊونيشيا جي صدر ۾ ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج