اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا کي مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻجڻ گهرجي ۽ ڀا??ت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي جيڪا بازار گرم ڪري رکي آهي، دنيا کي ان کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي پيغام کي هر ممڪن دستياب فورم تي اٿاري. هو استحصال ڏهاڙي کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائر??ڪٽ??ريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنا سينٽر ۾ ڊيجيٽل تصويري ۽ فن پارن جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي، ايم ڊي اي پي پي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي پي پي عديله رباب ڪاظمي، ڊائر??ڪٽ??ريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو ڊائريڪٽر آصف الرحمان ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود ه??ا. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته ڀا??ت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين تي ڪيل ظلمن کي لڪائڻ ۽ ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پ??بنديون هڻي رکيون آهن ۽ سوشل ميڊيا کي به بند ڪري رکيو آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان جي ميڊيا تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪشميرين تي جاري ڀا??تي ڏاڍ جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اهڙو ٺوس معاون نظام جوڙيو وڃي جنهن جي ذريعي مظلوم ڪشميرين جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. هن يو ته ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڪيل ڪيس ۽ قيد جي صعوبتن ۽ انساني حقن جي پ??ئمالين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عوام کي رڳو احتجاج ئي نه ڪرڻ گهرجي پ?? هر پليٽ فارم تي ڪشميرين جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهڻ گهرجي. تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀا??ت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خا??مي کانپوءِ ڪشمير ۾ جاري ڀا??تي ظلم ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا جي آزادي تي پ??بندين جي حوالي سان دستاويزي فلمون پيش ڪيون ويون جن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي تاريخي پ?? منظر ۽ 5 آگسٽ جي ڀا??ت جي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ڀا??تي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن دستاويزي فلمن جي تياري تي ڊائر??ڪٽ??ريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي ساراهيو. هن ڊائر??ڪٽ??ريٽ تي زور ڏنو ته هُو انهن دستاويزي فلمن جي ذريعي ڪشمير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سمورن دستياب پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻي.
مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي: اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر