اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي ??بديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي، زمين کي بچائڻ لاءِ زرخيز مٽيءَ جي حفاظت يقيني بڻائڻ، عالمي سطح تي ??بديلي آڻڻ جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري بيان ۾ صدر ??يو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلين جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي ??بديلين سان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام کي سخت چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان تيزي سان پگھڙجندڙ گليشيئرز، غيرمتوقع برساتن ۽ سوڪهڙي کان متاثر ٿيو آهي، نوجوانن کي ماحولياتي ??بديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، مون کي فخر آهي ته ايوان صدر آءِ ايس او کان تصديق ٿيل دنيا جي ماحول دوست صدارتي ??فيسن ۾ پهرين پوزيشن تي ??هي. صدر عارف علوي چيو ته ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي سان نه رڳو پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر قومي گرڊ ۾ به بجلي ڏي ٿو. هن چيو ته سمورن ادارن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي گرين پريزيڊنسي منصوبي مان سکن، توانائي جي بچت ڪن ته جيئن موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهجي.
موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena