ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون ر??يون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي ??ڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني امداد کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻ??ن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ??اتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.
افغان پرڏيهي وزارت طرفان انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي راضپي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز