اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نم??رن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به ا??چتي صورتحال ۾ شهري ??يشنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري ??دد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري ??ونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊليوري ??ونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ا??مرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نم??رن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري ??وندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به ا??چتي صورتحال ۾ شهري جي فوري ??دد ممڪ?? ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.
وزيراعظم پاران نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن