اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪند??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي ۾ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو تفصيلي ج??ئزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران تعميرات جي شعبي ۾ حڪومت پاران تاريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي بئنڪن پاران تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ج??هن جو ڪريڊٽ بنا ڪ??هن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏا??هن وڃي ٿو. اي او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آه??.
ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر