اسلام آباد – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪ??ر محمد فيصل سي پيڪ جي حوالي سان چين سان معاهدن جي تجدي?? بابت اطلاعن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته چين سان سي پيڪ معاهدن تي نظرثاني نه پئي ڪئي وڃي، ڀارت سان ڳالهين جي خلاف ناهيون، پاڪ ڀارت معاملن جو حل ڳالهين سان چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن ۾ ٽريڪ ٽو رابطا موجود آهن، ٽريڪ ٽو رابطا مختلف سطح تي آهن ۽ هلندا رهندا آهن تنهن هوندي پاڪ ڀارت بيڪ ڊور رابطن جو عمل ناهي، پرڏيهي آفيس ۾ صحافين کي هفتيوار بريفنگ جي دوران ترجمان سي پيڪ معاهدن جي تجدي?? بابت رپورٽس کي مڪمل رد ڪيو ۽ چيو ته سي پيڪ جي حوالي سان چين سان نئين سر معاهدن جي تجديد جي حوالي سان اطلاع بي ب??ياد آهن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ