اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊ?? تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻ??ايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻ??ايو ته وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊ?? تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا