اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير ??انونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان هڪ اهڙي غيرتمند قوم جي نمائندگي ڪريو ٿا جنهن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون لازوال قربانيون اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳيون آهن، اسان کي آزادي جي جدوجهد ۾ مص??وف ماڻهن جي مشڪلاتن جي خبر آهي، پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اهل پاڪستان ۽ اهل ڪشمير جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ صديون پراڻو اهو رشتو سدائين قائم رهندو. هن چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير جي بجيٽ ۽ ترقياتي بجيٽ ٻيڻي ڪئي آهي جڏهن ته مانسهره کان مظفرآباد تائين رستي جي منصوبي کي س?? پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير ??انونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊگهي عرصي تائين اپوزيشن جي س??است ڪئي آهي ۽ اپوزيشن جي س??چ کان وا??ف آهيان.
پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي حل ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار