ڊيره بگٽي / اسلام آ??اد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو آهي ته بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي، ووٽ ڏيڻ جو صحيح فيصلو ڪيو ته ان جا ثمر توهان آڏو هوندا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلوچستان ملڪ جو امير ترين ص??بو هوندو، بلوچستان ۾ 455 ارب رپيا رستن جي منصوبن تي خرچ ٿيندا، هر ضلعي هيڊڪوارٽر کي گئس فراهم ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت جي مدد سان ص??بي ۾ 21 يونيورسٽيون قائم ٿي رهيون آهن، ناراض بلو?? ڀائر گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه بدران ص??بي ۽ عوام جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺن، محمد نواز شريف جي دور ۾ بجلي جا تاريخي منصوبا لڳا جن جا ثمر بلوچستان کي ملندا، سڀ کان قيمتي وسيلو پاڻي آهي جنهن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، پاڻي جا معاملا ڏسڻ جي لاءِ ملڪ ۾ جدا وزارت قائم ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ جي فيصلي سان اتفاق نه آهي پر ان جو احترام ڪريون ٿا، ڊير بگٽي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه ثابت ٿيندو، ڊيره بگٽي جي عوام سان واعدو آهي ته انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره بگٽي ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو.
بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش