ليه – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سياست کي عبادت سمجهون ٿا، گند اڇلائيندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ليڊر بڻجڻ جو حق نه ٿا رکن، مخالف?? جي ايجنڊا ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ فريب آهي، اسان جو مقصد رڳو پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي آهي، صبح کان رات تائين ۽ رات کان صبح تائين ع??ام جي خدمت ڪندو رهندس جڏهن ته مخالف سياست مان ڀڄي ويندا. هن اها ڳالهه ليه – تونسه پل جي پيڙ??ه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي هڪ عظيم الشان ع??امي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم وڏي ??نگ ۾ موجود عوام جي جوش ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته اهو ليه اچي ڏسي وٺي، 2013ع جي چونڊن ۾ به ليه جي عوام وڏي اڪثريت سان مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪيو ۽ اڄ جو جلسو به 2018ع جي ڪاميابي جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل