برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اس??ائ??لي ناڻي ??ار?? وزير بيزاليل سوٽرچ جي ان بيان جي مذمت ۽ آمري??ا حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته غزه جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اس??ائ??ل جي ناڻي ??ار?? وزير جي بيان کانپوءِ عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اس??ائ??لي وزير جي عالمي ۽ بنيادي انساني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اس??ائ??ل جي ناڻي ??ار?? وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فرانس چيو ته غزه جي ماڻهن کي انساني امداد پهچائڻ عالمي انساني قانون تحت اس??ائ??ل جي ذمي??ار?? آهي ڇو جو اس??ائ??ل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اس??ائ??لي وزير جي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اس??ائ??لي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اهو بيان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اس??ائ??ل جي ناڻي ??ار?? وزير جي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ماڻهن کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڏينهن اس??ائ??لي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اس??ائ??لي يرغمالين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر