نيويارڪ -20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته هو پنهنجي ٺهرائن خاص طور تي پراڻن تڪرارن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري، پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 15 رڪني اداري کي وڌندڙ چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ شفاف، جوابده، جامع ۽ جمهوري بڻجڻ گهرجي. سلامتي ڪا??ونسل جي نئين سر تنظيم سازي لاءِ ڊگهي عرصي جي جاري ڳالهين کي ٻيهر شروع ٿيڻ تي سفير منير اڪرم نمائندن کي ٻڌايو ته ڪا به شئي ڪا??ونسل جي ساک جي چونڊ لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي ٺهرائن تي عمل نه ڪرڻ کي وڌيڪ مجروح ناهي ڪندي، ٺهرائن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي سلامتي ڪا??ونسل جي ساک کي مجروح ڪندي آهي ۽ گڏيل قومن جي چا??ٽر جي ذريعي فرض ڪيل ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي انهي جي اهليت تي اعتماد کي ختم ڪري ٿي. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستان جي سفير سلامتي ڪا??ونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقن م شفافيت، احتساب ۽ شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بامعنيٰ سڌارا حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏيندي ته گڏيل قومن جي چا??ٽر سلامتي ڪا??ونسل ۽ جنرل اسيمبلي ٻنهي کان الڳ الڳ پر تڪميلي ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته اسان سڀني کي سلامتي ڪا??ونسل طرفان جنرل اسيمبلي کي فعال ۽ اختيارن تي مسلسل تجويزون، خاص طور تي قانوني معيار قائم ڪرڻ ۽ جنرل اسيمبلي جي دائريڪار ۾ آيل مختلف مسئلن لاءِ ت??ريفن جي تعين جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳڻتي هئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سڌاراتي عمل جي هڪ حصي طور تي ڪا??ونسل کي وسعت ڏيڻ هڪ عام معاهدي باوجود ميمبر ملڪ تفصيلن تي ورهايل آهن. چار نام نهاد ميمبر ملڪن جو گروپ جنهن ۾ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان شامل آهن اهي ڪا??ونسل ۾ پنهنجي لاءِ مستقل سي??ون گهرن ٿا،ڪائونسل کي 10 سي??ن تائين وڌائڻ لاءِ پنهنجي دٻاءَ ۾ ڪا به لچڪ ناهي ڏيکاري، جنهن ۾ 6 اضافي مستقل ۽ 4 غير مستقل ميمبرن جو مطالبو شامل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اٽليءَ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ وارو اتحاد (يو ايف سي) گروپ آهي، جيڪو اضافي مستقل ميمبرن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ مستقل ميمبرن بجاءِ سلامتي ڪا??ونسل جي ڊگهي مدي وارا غير مستقل ميمبر هجن جن جي ٻيهر چونڊ ممڪن هجي. پنهنجي مباحثي ۾ منير اڪرم طرفان بيان ڪيل اهم نقطن ۾ مستقل ميمبرن جي غير ضروري اثر رسوخ کي روڪڻ سان گڏوگڏ ڪا??ونسل جي جوابدهي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ کليل اجلاسن ۾ گڏيل ڳالهين جي ضرورت، مڪمل شفافيت، بشمول جنرل اسيمبلي جي رپورٽنگ جي معيار ۽ انگ کي وڌائڻ ۽ عوامي گڏجاڻيون ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرڻ ، مباحثن ۾ شموليت، غير ڪا??ونسل ميمبرن جي انهن درخواستن تي خودڪار شرڪت جي اجازت ڏيڻ، (پين هولڊر) ڪا??ونسل جي ٺهرائن جي مسودن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ اهو مسودو تيار ڪندڙ ميمبرن جي نظام جو خاتمو يا اصلاح، ذيلي ادارن جي چيئرز جي مقرري لاءِ جمهوري عمل، ڪا??ونسل جي دهشتگردي جي خاتمي بابت لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ اڻبرابري جو سلوڪ نه ڪرڻ سان گڏوگڏ مناسب عمل ۽ موثر روڪٿام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي اصلاح ڪرڻ شامل آهي.
سلامتي ڪائونسل پراڻن تڪرارن تي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ