راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ فوجي تعاون مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ??يپ??ز لبريشن آرمي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، علائقائي س??ام??ي، فوجي تربيت ۽ دفاع جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. مهمان شخصيت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي موثر ڪوششن کي ساراهيو، چيني ڪمانڊر پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صل??حي??ن ۽ جذبي کي پڻ ساراهيو. آرمي چيف چيني ڪمانڊر جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي ع??ام?? آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط تعلق کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ان موقعي تي چيني ڪمانڊر جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. جي ايڇ ڪيو اچڻ تي چيني ڪمانڊر کي پاڪ فوج جي دستي سلامي پڻ پيش ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania