راولپنڊي-08 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد ع??صم منير چيو آهي ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي، بلوچستان جو بهادر عوام هر ڏکي وقت ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان ??ڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چي?? جنرل سيد ع??صم منير بلوچستان جي آوار??ن ضلعي جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر بلوچستان آرمي چيف جي آجيان ??ئي ۽ ان ??ي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چي?? جنرل سيد ع??صم منير پنهنجي دوري دوران شهيدن جي وارثن، مقامي اڳواڻن ۽ آبادگارن سان ??الهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف کي پاڪ فوج جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. آرمي چي?? جنرل سيد ع??صم منير ان موقعي تي اڳواڻن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي زراعت جي اهميت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف شهيدن جي قربانين کي زبردست خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي زرعي سهولتون، آسان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ فراهم ڪيو ويندو. جڏهن ته سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. آبادگارن کي ملڪي ترقي ۾ شراڪتدار بڻائڻ ۽ آبادگاري لاءِ پڻ رهنمائي ڏني ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان ??ڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. پاڪ فوج بلوچستان ۾ سول انتظاميه سان ??ڏجي ترقي ۽ امداد جو عمل جاري رکندي. آرمي چيف بلوچستان جي عوام لاءِ هڪ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج بڻائڻ واري عمل جي پڻ تعريف ڪئي. آرمي چي?? جنرل سيد ع??صم منير ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح ڪيو ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سان پڻ مليو، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج لاڳاپيل ادارن سان ??ڏجي بلوچستان ۾ رليف ۽ تعميري سرگرمين کي جاري رکندي.
بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن