اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگران حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي نئين حڪومت عوام جي ا??يدن تي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي ا??زا?? ۾ منعقد الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نگران حڪومت جي دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تعاون کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي نئين حڪومت عوام جي ا??يدن تي پورو لهندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حي??يت سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ ا??زا?? جو سبب آهي، آئون پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگران حڪومت جي دور ۾ مون سان ت??اون ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وزارت جي ا??ڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري نگران دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سڀني سان ملاقات ڪئي.
نگران حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون، ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش