لاهور – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٿيلسيما جي ??رض جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي، سُندس فائونڊيشن جو ٿيلسيميا جي حوالي سان ڪم ساراهه جوڳو آهي، اسلام وراثت ۽ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيا، ٿيلسيميا جي ??ريضن جي ??اءِ ماڻهن ۾ وڌي چ??هي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو م??جود هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ رت جو عطيو جمع ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سُندس فائونڊيشن جي ??يلسيميا جي ??ريضن جي علاج ۾ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ نمايان خدمتون آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي، ان حوالي سان سينيئر صحافي سهيل وڙائچ، سُندس فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ صدر ياسين خان ۽ حاجي سرفراز جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ان مرض جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور جي کوٽ هئي پر وقت گذرڻ سان گڏ ٿيلسيميا جي ??ريضن جي ??اءِ بلڊ ڊونرز جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تنهن ڪري ان مرض ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ??اءِ ماڻهن ۾ وڌي چ??هي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو م??جود هجڻ گهرجي. هن چيو ته رت جي بيمارين ۾ ٿيلسيميا کانسواءِ هيموفيليا به هڪ موذي مرض آهي، برطانيا ۾ ٿيلسيميا جي ??رض ۾ گذريل 20 سالن کان گهٽتائي ٿي آهي، چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته نڪاح جي ??ڪ خاني ۾ بلڊ ٽيسٽ کي ضروري قرار ڏنو وڃي ته جيئن ٿيلسيميا ۽ ان سان ٻين بيمارين جي روڪٿام ڪري سگهجي. صدر چيو ته مسجدن کي تعليم جي ??روغ لاءِ ڪميونٽي سينٽر طور استعمال ڪري سگهجي ??و، اسلام بنيادي طور تي دين فطرت آهي، اسلام وراثت ۽ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيا آهن، اسان جي ??بي ﷺ صدقي ۽ خيرات جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته جيترو علم پڙهان ٿو، ان مان ٻيا به ??ائ??و کڻن، چين جي ترقي ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون معياري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ لڪل آهي، اسان جو م??ڪ قائداعظم جي اصولن تي هلائڻ گهرجي، هي ??لڪ جمهوريت جي بنياد تي جوڙيو ويو آهي، جمهوريت جي انهن ئي اصولن کي اختيار ڪري ??لڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته مون کي اميد آهي ته پاڪستان انشاءَ الله ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل هوندو. ان کان اڳ سُندس فائونڊيشن جي اڳواڻ سينيئر تجزيه نگار ۽ صحافي سهيل وڙائچ ۽ ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ صدر ياسين خان پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽرز، بلڊ ڊونرز ۽ صحافين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽرز ۽ سُندس فائونڊيشن جا عهديدار پڻ موجود هئا.
ٿيلسيما جي مرض جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری