اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چونڊن کي پُرامن رٿڻ ۽ فول پروف سيڪيورٽي لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪستاني فوج جي مقرريءَ لاءِ 19 نڪاتي ضابطه ا??لاق جاري ڪري ڇڏيو. پاڪستاني فوج صرف نشاندهي ٿيل حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر هوندي. سول آرمڊ فورسز بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران پرنٽنگ پريس جي حفاظت تي مقرر هوندي. چونڊ سامان جي آر اوز جي آفيسن کان پولنگ اسٽيشنن ??ائ??ن رسائي، ڳڻتي ۽ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چونڊ سامان جي واپسي آر اوز جي آفيس ??ائ??ن واپسي ??ائ??ن سيڪيورٽي مهيا ڪندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه ا??لاق مطابق هٿياربند فوج پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 245 ۽ پنهنجي مينڊيٽ جي حدن تحت پنهنجون ذميداريون ادا ڪندي اليڪشن ڪميشن جي عام چونڊن جي رٿڻ ۾ ووٽرن کي محفوظ ماحول جي فراهمي، ووٽرن جي حفاظت سان پولنگ اسٽيشنن ??ائ??ن پهچڻ ۾ معاونت ڪندي. محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس پهرين درجي جي ذميداري، جڏهن ??ه سول آرمڊ فورسز ٻئين ۽ پاڪستاني فوج ٽئين درجي جي ذميدار هوندي. آئين جي آرٽيڪل 220، 245 ۽ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 4 ۽ 5 ۽ چونڊ قانون 2017ع جي شق 193 ۽ سيڪشن 5 تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. هر آفيسر ۽ جي سي او اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت پنهنجن اختيارن کي وقت سر استعمال ڪندو. ڊسٽرڪٽ رٽرنن?? آفيسرز، رٽرنن?? آفيسرز، پرزائيڊن?? آفيسرز ۽ پولنگ عملي کي پنهنجا فرض سٺن اخلاقن سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ هٿياربند فوج محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. چونڊ ضابطه ا??لاق مطابق چونڊ عمل ۽ خاص طور تي ووٽنگ جي عمل دوران غير جانبدار رهندا ۽ ڪنهن ??ه سياسي پارٽي يا اميدوار جي حق يا مخالفت ۾ ڪم نه ڪندا. غير قانوني صورتحال کي قانون مطابق ڏسندا. شڪي ووٽرز جي نشاندهي ڪندا ته جيئن پوليس جا اهلڪار اهڙن ووٽرن جي پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ داخلا کان پهرين ان جي جامع تلاشي وٺن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوبه شخص پاڻ سان هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا منع ٿيل شيءِ پولنگ اسٽيشن جي اندر نه کڻي وڃي سگهي. نشاندهي ڪيل حساس پولنگ اسٽيشن ٻاهران خدمتون سرانجام ڏيندي خاص طور تي پُرامن ماحول کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏيندا. پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڪنهن ??ه بي ضابطگي، بد انتظامي جنهن ??بب امن امان جي صورتحال خراب هئڻ جو خدشو هجي، جو اطلاع پرزائيڊن?? آفيسر ۽ پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي ڏيندا ۽ جاري ڪيل هدايتن مطابق عمل ڪندا. جيڪڏهن پرزائيڊن?? آفيسر ڪنهن مبينه بي ضابطگي يا بد انتظامي ڪندڙ کي روڪڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري ته سيڪيورٽي عملو فوري طور تي ان معاملي کي لاڳاپيل آر او جي ن??ٽيس ۾ آڻي. سمورن لاڳاپيل قانونن تي عمل ۽ چونڊ عمل دوران امن امان ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائيندا. بااختيار مبصر ۽ ميڊيا جي ماڻهن کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. ڪنهن ??ه اهل ووٽر کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ کان نٿو روڪي سگهجي جڏهن ??ه هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا اهڙن ماڻهن کي جيڪي ملڪي مفاد يا سلامتي خلاف ڪا حرڪت ڪندي ڏٺا وڃن انهن کي روڪڻ جي اجازت هوندي. بيلٽ پيپرز، ووٽر لسٽ، بيلٽ باڪس، فارم 45 ۽ 46 سميت ڪوبه چونڊ مواد پنهنجي قبضي ۾ نٿا وٺي سگهن. ڪنهن ??ه اميدوار، چونڊ ايجنٽ، پولنگ ايجنٽ، مبصر يا ميڊيا جي ن??ائندن سان ڪنهن ??ه طرح جي بحث يا جهيڙي کان پاسو ڪندا. پرزائيڊن?? آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊن?? آفيسر يا پولن?? آفيسر جي ڪم ۾ ڪنهن ??ه طرح جي مداخلت نه ڪندا، پولنگ اسٽيشن ٻاهر ڪنهن چونڊ بي قاعدگي جي الزام جو پاڻ جواب ڏيڻ بجاءِ ان معاملي کي پرزائيڊن?? آفيسر جي ڄاڻ ۾ آڻڻ گهرجي ۽ ان کان ضروري هدايتون وٺجن، جيڪڏهن پولنگ اسٽيشن تي اهو سلسلو جاري رهي ٿو ته پنهنجي آفيسر کي فوري آگاهه ڪن ته جيئن فورن قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. ڳڻپ جي عمل ۾ ڪنهن ??ه طرح جي مداخلت نه ڪئي ويندي پر ڳڻپ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن ٻاهر پنهنجي ڊيوٽي چڱيءَ ريت انجام ڏيندا ته جيئن ڳڻپ جو عمل پُرامن طريقي سان مڪمل ٿئي.
اليڪشن ڪميشن چونڊن کي پُرامن رٿڻ ۽ فول پروف سيڪيورٽي لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪستاني فوج جي مقرريءَ لاءِ 19 نڪاتي ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria