اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري رونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت واپار ۽ سرحدي ضلعن ۾ اس??گلنگ جي خاتمي جي حوالي سان ??ائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز، فرنٽيئر ڪور جي لاڳاپيل آءِ جيز، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اس??گلنگ جي روڪٿا?? جي حوالي سان ??پورٽ تي اڳڀرائي کان ??گاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان ڪسٽمز، ايف سي، ضلعي انتظاميا ۽ اين ايل سي جي سرحدي علائقن ۾ ڪارڪردگي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سموريون ايجنسيون گڏجي سرحدي علائقن ۾ اس??گلنگ جي روڪٿا?? جي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن جنهن جي ڪري لکين ٽن غيرقانوني شين جي غيرقانوني درآمد روڪي ملڪي خزاني کي وڏي نقصان کان ??چايو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اس??گلنگ جي روڪٿا?? جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪري آئنده ان ??والي سان منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ آگاهه ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم بلوچستان ??ي چيف سيڪريٽري کي سرحدي علائقن جي ماڻهن جا تفصيل جوڙي انهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جلد جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري زونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته اس??گلنگ جي مڪمل روڪٿا?? جي لاءِ سمورا ادارا خاص طور تي فرنٽيئر ڪور، ڪسٽمز ۽ ضلعي انتظاميا پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين، اس??گلنگ جي ڪڌي ڪاروبار سان ??ڳو ڪجهه بااثر ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو. هن چيو ته اس??گلنگ جي ڪري پوري پاڪستاني قوم نقصان کڻي رهي هئي ۽ حڪومت ان ??ي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکندي، اس??گلنگ جي ذريعي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڀونڊي جواز جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهن کي ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، نگران ??ڪومت پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن جي آخري لمحي تائين اس??گلنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻندي رهندي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ايل سي چمن بارڊر تي پنهنجي اسڪيننگ ۽ چيڪنگ جي منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري. هن اها به هدايت ڪئي ته پاڪستان ڪسٽمز سرحدي علائقن ۾ پنهنجي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ته جيئن اس??گلنگ ۾ پڪڙيل عنصرن کي قانون موجب سزا ڏئي سگهجي، اس??گلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ شهري علائقن ۾ ان مال جي طلب کي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها به هدايت ڪئي ته سرحدي ضلعن خاص طور تي حساس علائقن ۾ سٺي شهرت جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ پوسٽنگ ٽرانسفر جي شفاف سسٽم کي بحال ڪ??و وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان ??ميت ٻين ملڪن جن سان پاڪستان ??ي ذريعي ٽرانزٽ ٽريڊ ٿئي ٿي، واپار واري وزارت ان ??ي سخت نگراني ڪري ۽ لاڳاپيل عملدارن کي شين جي برآمد جي رجحانن جي حوالي سان ??گاهه ڪري. هن سرحدي علائقن ۾ قانوني واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ مڪمل دستياويزي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اها به هدايت ڪئي ته ڪارگو جي مانيٽرنگ جي لاءِ ايف بي آر جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فعال ڪ??و وڃي.
سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري رونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز