تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان مل??قات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ??طرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان مل??قات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ??طرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪن??ي نگران وزيراعظم آذربائيجان ايئرلائين جي پاڪستان جي لا??ِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لا??ِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ اي سي او جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي تازه ترين صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم آذربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي خاص طور تي ڪاراباغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام