اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيستائين صحافي جو آواز مضبوط آهي جمهوريت تي حملو نه ٿو ٿي سگهي، صحافين جمهوريت جو ڀرپور ساٿ ڏنو، نفرت ۽ انتشار نه اتحاد جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ ??يڊ??ا تي سينسرشپ لاڳو هئي، اپوزيشن ۽ ??يڊ??ا کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي، اتحادي حڪوم?? جي دور ۾ ڪنهن به صحافي جو پروگرام بند ناهي ٿيو ۽ نه ئي انتقامي ڪارروائي ٿي، هيلٿ انشورنس صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جو حق آهي، هيلٿ انشورنس جي فراهمي تي ??يڊ??ا ورڪرز ۽ صحافين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اهتمام هيٺ آجياڻي واري ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسين سميت صحافين جو وڏو انگ موجود هو. وفاقي وزير صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته صحافين کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو اهم ڪردار آهي، محمد نواز شريف جڏهن وزيراعظم هو ته هن 18 سالن کانپوءِ اٺين ويج بورڊ ايوارڊ جو اعلان ڪيو هو ۽ صحافين کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي پڻ انهي ويزن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته جڏهن شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ هو ته ان وقت هن مون کي چيو هو ته جڏهن اسان جي حڪومت ايندي ته صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو آهي. هن چيو ته هيلٿ انشورنس صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جو حق آهي، هيلٿ انشورنس سان ??يڊ??ا مالڪن پاران جيڪا گهٽتائي هئي، ان خال کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته هيلٿ انشورنس جي فراهمي سان ميديا مالڪ پنهنجي ذميوارين کان آزاد ٿي ويا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته پيمرا جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ پهريون ڀيرو پي ايف يو جي کي نمائندگي ڏني وئي آهي، جن ??يڊ??ا هائوسز کي حڪومتي اشتهارن جي رقم وڃي ٿي، انهن جي خلاف شڪايتن جي لاءِ پيمرا اٿارٽي ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي اندر پي ايف يو جي جي نمائندگي موجود آهي. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪوم?? جي دور ۾ ڪنهن به صحافي سان ظلم نه ٿيو، ڪنهن ٽي وي پروگرام کي بند ناهي ڪيو ويو، ڪنهن جي خلاف ڪا انتقامي ڪارروائي ناهي ٿي. هن چيو ته گذريل دور ۾ مخالف ڌر کي ڳالهائڻ تائين جي اجازت نه ڏني ويندي هئي، صحافين جو آواز بند ڪيو ويندو هو. اڳوڻي دور ۾ پي ايم ڊي اي جي صورت ۾ هڪ ڪارو قانون مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، صحافي برادري جڏهن سامهون بيٺي ته اهو بل لاڳو نه ٿي سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ??يڊ??ا جي آزادي کي دٻائڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندي رهي، ميديا تي سينسرشپ لاڳو رهي، صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويندا هئا، ملڪ ۾ سياسي انتقام ۽ صحافت تي پابنديون لڳيون انهي جي ڪري عمران خان کي رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز ??يڊ??ا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪوم?? جي هڪ سال دوران ميديا جي آزادي ۾ انهي اداري پاڪستان جي درجابندي ۾ 7 پوائنٽس جي بهتري ظاهر ڪئي. هن چيو ته گذريل دور ۾ جڏهن پارليامينٽ جا دروازا ??يڊ??ا لاءِ بند هئا تڏهن صحافين جي لاءِ اسان جا دروازا کليل هئا. اتحادي حڪومت جڏهن حڪومت سنڀالي ته پهرين ڏينهن ئي پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جي لاءِ ??يڊ??ا ڪارنر کي اوپن ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ نواز شريف جي خلاف ڪوڙا ڪيسز ٺاهيا ويا، نواز شريف جيل ڪاٽي پر ڪارڪنن ڪو جلاءُ گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه نه ڪيو. هن چيو ته محمد نواز شريف ملڪ کي ٺاهيو ۽ ان جي حفاظت ڪئي، مل?? جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، سي پيڪ ۽ موٽروي جا منصوبا ڏنا، مهانگائي ختم ڪئي، نوجوانن کي روزگار ڏنو. هن چيو ته اي پي ايس سانحي جي وقت نواز شريف صحافين ۽ ڪئميره مينن جي سيڪيورٽي جي لاءِ قانونسازي جي هدايت ڪئي هئي، ڊاڪٽر نفيسا شاهه ان حوالي سان پرائيويٽ بل جمع ڪرايو، اسان ان تي گڏجي ڪم ڪيو، گذريل چار سال ان بل کي انساني حقن جي وزارت ۾ دٻايو ويو. هن چيو ته سيڪيورٽي اينڊ سيفٽي آف جرنلسٽس جو قانون اطلاعات واري ڪميٽي ۾ موجود آهي، انشاءَ ال??ه هڪ هفتي جي اندر اهو بل وزارت وٽ اچي ويندو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن يا حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ??يڊ??ا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ فنڊ جو ان بل جي اندر اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ سيڪيورٽي اينڊ سيفٽي جرنلسٽس کي وزارت پنهنجي ڊومين ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ان بل ۾ حادثن، دهشتگردي جي واقعن جي رپورٽنگ دوران فوت ۽ شهيد ٿيندڙ ??يڊ??ا ورڪرز جي لاءِ فنڊز جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته انشاءَ ال??ه ايندڙ حڪومت به اسان جي هوندي ۽ اسان ان رقم کي ڊبل ڪنداسين. هن چيو ته صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار تي عملدرآمد انهن جو حق آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35 هزار رپيا فنانس بل جو حصو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال دوران صحافين سينسرشپ جي خلاف مضبوط آواز اٿاريو، جيستائين صحافين جو آواز مضبوط آهي ته جمهوريت تي حملو نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جنهن ليڊر جون پاڙون جمهوريت ۽ عوام سان ڳنڍيل هونديون آهن، ان جي خلاف ڪا سازش ڪامياب ناهي ٿيندي جنهن جو زندهه مثال محمد نواز شريف آهي جنهن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي سمورن ماڻهن کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو ته جيئن مل?? جي اندر قانون، پارليامينٽ، عدليه جي عزت ٿئي، ان جي لاءِ هن پنهنجي ذات تي ظلم برداشت ڪيا، قربانيون ڏنيون ۽ مضبوط رهيو ۽ اڄ هو ڪامياب آهي. هن چيو ته ناانصافي جو دور ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي انشاءَ ال??ه ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏيڻ جو دور آهي، جنهن مل?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي نواز شريف جي قيادت ۾ اسان پروان چڙهايو هو، ان مل?? جي ترقي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. گذريل چار سال هر شعبي جي لاءِ ڪارو دور هو، هاڻي هن ملڪ کي ٺاهڻ ۽ نفر?? جي خاتمي جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جي لاءِ ان جي وزارت جا دروازا هر وقت کليل آهن. هن چيو ته هو تمام جلد راولپنڊي پريس ڪلب جو پڻ دورو ڪندي. هن شاندار استقبال تي صحافي برادري جا ٿورا مڃيا.
جيستائين صحافي جو آواز مضبوط آهي جمهوريت تي حملو نه ٿو ٿي سگهي، صحافين جمهوريت جو ڀرپور ساٿ ڏنو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر