اسل??م آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پ??وگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سيڙپڪاري بورڊ جي 2 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 1114.760 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پ??وگرام جي دستاويز موجب پاڪ چين اقتصادي لنگهه انڊسٽريل ڪارپوريشن ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 44.368 ملين رپيا جڏهن ته سيڪٽر ميپنگ اينڊ ريگيوليٽري ٽرانسفارميشن (سمارٽ) جي لاءِ 150 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جن ۾ اسل??م آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي زمين ۽ فزيبلٽي جي لاءِ 405.632 ملين رپيا ۽ ا??پيشل اڪنامڪ زون ۾ ون اسٽاپ سروس قائم ڪرڻ جي لاءِ 514.760 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ان کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 920.392 ملين رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي تحت سيڙپڪاري بورڊ جي 2 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 1114.760 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی