اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي هڪ فعال ميمبر طور تنظيم ج?? سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم ج?? ثقافت واري صلاحڪار انجني??ر امير مقام ڀارت جي ميزباني ۾ 3 اپريل تي شنگهائي تعاون تنظيم ج?? ثقافت وارن وزيرن جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته انجني??ر امير مقام اجلاس ۾ پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ج?? فريم ورڪ تحت ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ج?? هڪ فعال ميمبر طور شنگهائي تعاون تنظيم ج?? سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جاري رکندو ۽ ان جي نتيجن ۾ مسلسل تعاون ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : bolão quina