اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جل?? کان جل?? مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل مع??ملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي مع??ملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جل?? کان جل?? مڪمل ڪيو وي??دو. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.
وزيراعظم پاران سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ