اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيجيٽل ٽيڪن??لا??يز تائين عورتن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪن??لا??ي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ۽ انهن کي سبق حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا برابر م??قعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته هن سال جو عنوان ”ڊيجيٽ آل: صنفي برابري جي لاءِ جدت ۽ ٽيڪن??لا??ي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڊيجيٽل تفريق اڄ جي تيز رفتار ۽ سدائين بدلجندڙ دنيا ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ شموليت جي راهه ۾ هڪ اهم رڪاوٽ آهي. ڊيجيٽل دنيا ۾ عورتن جي اهم خدمتن جي باوجود ٽيڪ ايجوڪيشن، ڪيريئر ۽ گورننس ۾ انهن جي نمائندگي گهٽ آهي پر ڪوويڊ 19 جي وبا دو??ان ڊيجيٽل ٽيڪن??لا??يز استعمال ڪندڙ عورتن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اهو تمام حوصلي جوڳو آهي جڏهن ته اسان کي ڊيجيٽل ٽيڪن??لا??يز تائين انهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي عورتن جي لاءِ هڪ محفوظ، وڌ??ڪ جامع ۽ برابر ڊيجيٽل دنيا بڻائي ڊيجيٽل تفريق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مون مون کي يقين آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪن??لا??ي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڊيجيٽل ٽيڪن??لا??يز انهن جي لاءِ ڊيجيٽل معيشت ۾ حصو وجهڻ ۽ تعليم، صحت، بئنڪنگ، قرضن ۽ ٻين ضروري خدمتن تائين انهن جي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان کي خاص طور تي اسان جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتن جي ٽيڪن??لا??ي ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي پروگرامن کانسواءِ انهن کي انٽرنيٽ سروسز، ليپ ٽاپ ۽ ٻين ڊيجيٽل ٽيڪن??لا??يز تائين پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي انهن شعبن ۾ ڪيريئر ٺاهين ۽ ان مقصد جي لاءِ انهن کي ضروري هنر ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. صدر چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڪيترائي اقتصادي ۽ قانونسازي جا قدم کنيا آهن جن ۾ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضن جي فراهمي، عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ ۽ هراسمينٽ کان تحفظ جا قانون شامل آهن. اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ صنفي مين اسٽريمنگ پاليسي تيار ڪئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ عورتن جي مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ مالياتي شعبي ۾ عورتن جي تناسب کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پا??ان کنيل ٻين قدمن ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي قومي پاليسي، انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صنفي برابري بابت پاليسي فريم ورڪ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جا پئڪيجز شامل آهن. صدر چيو ته عورتن جي هن عالمي ڏينهن تي آئون حڪومتن، اين جي اوز ۽ خاص طور تي عورتن سميت سمورين ڌرين کان صنفي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. هن چيو ته حڪومتن، بئنڪنگ ۽ نجي شعبي کي ڊيجيٽل ??ري??ن وسيلي عورتن جي سماجي ۽ اقتصادي شموليت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اچو اسان صنفي برابري کي حاصل ڪرڻ جو وچن ڪريون ۽ ڊيجيٽل ٽيڪن??لا??يز جي ??ري??ي سڀني جي لاءِ هڪ وڌ??ڪ منصفاڻي ۽ برابر دنيا ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ڪريون.
ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا