اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) محمد شهباز ??ريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، نئي?? چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، وقتي صدر، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي محمد شهباز ??ريف کان وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ڪالهه سومر ڏينهن ئي محمد شهباز ??ريف جي 174 ووٽن سان ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سا?? چونڊ ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محمد نواز ??ريف جو ننڍو ڀاءُ آهي. شهباز ??ريف ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي. عملي سياست ۾ سندس ڪيريئر تمام شاندار اهي، جيڪو چار ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، سندس عوامي خدمتن جو ڪيريئر 1985ع ۾ بطور صدر لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کان شروع ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز ??ريف جي پيروي ڪندي عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، ان اسيمبلي کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي 1990ع ۾ تحليل ڪيو ويو. 93 – 1990ع دوران قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو. 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير چونڊيو. اها به اسيمبلي 1999ع ۾ تحليل ڪئي وئي. پنجاب حڪومت پي ايم ايل اين جي مرڪزي حڪومت سان گڏ ئي ختم ڪئي وئي. ان کي قيد ڪيو ويو ۽ ب??د ۾ جبري جلاوطن ڪيو ويو. محمد شهباز ??ريف پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيون ڀيرو پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي پي ايم ايل اين وڏي مينڊيٽ سان ٻيهر اقتدار ۾ آئي. هو صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي طور هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو. شهباز ??ريف 2018ع ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو. هن عمران خان جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ پڻ وڙهي، عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو، شهباز ??ريف کي 96 ووٽ مليا. جنهن کا??پو??ِ شهباز ??ريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ٿيو. شهباز ??ريف هڪ متحرڪ ليڊر آهي جيڪو پنهنجي مضبوط ۽ بهترين ايڊمنسٽريشن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. کيس متحده اپوزيشن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي کا??پو??ِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو، نئي?? چونڊيل وزيراعظم شهباز ??ريف جو پٽ حمزه شه??از پنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار آهي.
محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔