اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??يڪ??يٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ س?? پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??يڪ??يٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي ??يڪ??يٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي ??يڪ??يٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏن??، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي معاون پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ س?? پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏن??، پرڏيهي ??يڪ??يٽري سهيل محمود قطر جي معاون پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏن?? آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻ?? طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.
پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: سهيل محمود
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت