اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم، ادب، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سول اعزازن سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي نشان امتياز، هلال امتياز، س??ار?? پاڪستان، س??ار?? شجاعت، س??ار?? امتياز، حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز، س??ار?? قائداعظم، تمغه شجاعت ۽ تمغه امتياز سان نوازيو ويو. نشان امتياز حاصل ڪندڙن ۾ محمد نعيم، نذر محمد راشد (ن م راشد مرحوم) ۽ مجيد امجد (عبدالمجيد مرحوم) شامل آهن. هلال امتياز حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر انعام الرحمان، ڊاڪٽر قمر محبوب، طاهر اڪرام، روحيل حيات ۽ ڪشور ناهيد شامل آهن. تقريب ۾ ملائيشيا سان تعلق رکندڙ محمد غازي عبدالحامد ۽ اومان سان تعلق رکندڙ شيخ احمد بن حماد الخليلي کي س??ار?? پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. س??ار?? شجاعت جو اعزاز حاصل ڪندڙن محمد محمد بخش ٻرڙو، ريشمان ٻرڙو ۽ برگيڊيئر شفيع الله ??ان شامل آهن. ڊاڪٽر سيد حسين امام عابدي، راشد رانا، سيد عقيل بلگرامي، محمود الحق علوي (مرحوم) ۽ سلمان ا??با?? کي س??ار?? امتياز سان نوازيو ويو آهي. حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ سيد تجمل حسين، پروفيسر ڊاڪٽر ياسر اياز، شڪيلا ناز ۽ عرفان الله ??ان شامل آهن. چوڌري خالد محمود (ناروي) کي س??ار?? قائداعظم جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. تمغه شجاعت حاصل ڪندڙن ۾ محمد اڪبر خان، آنجهاني ا??با?? مسيح، عبدالغفار شيخ شهيد، ضياءَ حسين شهيد، تبسم شبير اعواڻ، عرفان احمد خان دراني، اسد الله قريشي، محمد علي، احمد علي، صادق حسين، نورالدين، ملڪ دارا خان شهيد، محمد رحيم شاهه، محمد سعيد شاهه، محمد وليد صابر خان، وقار احمد، عبدالقهار خان، جميل احمد ڪلهوڙو ۽ عدنان ملڪ شامل آهن. تمغه امتياز حاصل ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عابد، مومنه دريد قريشي ۽ اسد محمود شامل آهن. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، وزيراعظم جي صلاح??ار?? ۽ خاص م??اونين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي سول اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان تقريبون صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پن ٿيون، جن ۾ لاڳاپيل صوبن جي گورنرز صدر پاران اعزاز ڏنا.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم، ادب، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سول اعزازن سان نوازيو
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون