نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلاموفوبيا سميت نسل پرستي جي سڀني حاضر دور جي قسمن جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالمي اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهو مطالبو هن ??ذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ۽ پروگرام آف ايڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل پرستي، ??سل?? امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منهن ??يڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عالمي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير چيو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ ??سل?? پرستي جي خلاف ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن ??يو ته نسل پرستي اسان جي گڏيل انسانيت جي نفي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته ??سل?? نفرت، مذهبي بالادستي ۽ پرتشدد قومپرستي جو اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هن ??يو ته نيو نازي ازم ۽ ٻين پرتشدد قومپرست گروهن جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدانن جي نسل پرستاڻي ۽ ز??نو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي ??سل?? ڪردار ڪشي کان وٺي آفريقي نسل جي ماڻهن جي خلاف امتيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي انساني وقار تي حملن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ ??سل?? امتياز کي سگهه ڏني آهي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو آهي، پرڏيهي وزير ??سل?? عدم مساوات تي ضابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي ت??ويزون پيش ڪندي چيو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين تي عملدرآمد ضروري آهي. 2. سڀني لاڳاپيل رياستن پاران مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منهن ??يندڙ ٻين مظلوم ??سل?? ۽ مذهبي گروهن جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ثقافت، پاليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اسلامو فوبيا سميت نسل پرستي جي سڀني عص??ي قسمن جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عالمي اتحاد بڻايو وڃي.
اسلاموفوبيا سميت نسل پرستي خلاف عالمي اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی