اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري کي چيو آهي ??ه بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽي??نالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين تربيتي پروگرام ۽ خصوصي تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ڳ??لهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صدر کي اداري ?? سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جنرل آف پاڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري کي جديد ٽي??نالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.
بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ آڊٽ جو نظام مستحڪم بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا