اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خورن جي خلاف سخت ترين قدم کنيا وڃ??، ٻنيءَ ٻاري کان مارڪيٽ تائين شين جي منتقلي ۽ ٻين ڪمن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪتب آندو وڃ??، ڪوشش ڪئي وڃ?? ته غريب ماڻهو تي ڪنهن قسم جو اضافي بار نه پوي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ضروري شين جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وز??ر مخدوم خسرو بختيار?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگارن نديم بابر?? ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، پنجاب جو ??ور??ڪ وارو وز??ر عبدالعيم خان، پنجاب جو ناڻي وارو وز??ر هاشم جوان بخت، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وز??راعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن جي ڪاٿي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم چيو ته مستقبل جي ضرورتن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هينئر کان ئي جامع منصوبابندي ڪئي وڃ??.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا