اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪي تشخص، تهذيب ۽ ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جو ڪردار ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس هتي م??عقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر ، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خاص مددگار سي?? ذوالفقار عباس بخاري، سينيٽر ??يص?? جاويد خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي م??ڪ ۾ سينيما جي بحالي ۽ ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جي اهم ڪردار جي حوالي سان تفصيلي بر??فنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سينيما انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ سينيما انڊسٽري جو ڪردار ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔