اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي متفقه طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مو??ب عمران خان وزيراعظم جو اميدوار هوندو. پارلياماني پارٽي جو پهريون باضابطا اجلاس مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي صدارت ۾ ٿيو، سڄي ملڪ مان پي ٽي آءِ جي نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ جي سينيٽ ميمبرن به شرڪت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وا??يس چيئرمين شاهه محمود قريشي تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي پارلياماني پارٽي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو، سمورن ميمبرن اٿ?? بيهي تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي پارلياماني اڳواڻ نامزدگي تي مبارڪباد ڏني جنهن کانپوءِ عمران خان وزيراعظم جو اميدوار هوندو.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون